اسلام آ??اد – 30 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪورونا جي موجوده صورتحا?? کي پريشان ڪندڙ قرار ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آ??ي ته وبا جي وڌيڪ پکيڙ کي روڪڻ لاءِ پوري قوم کي احتياطي تدبيرون لازمي اختيار ڪرڻيون پونديون. ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ صدر چيو ته اسان جي خطي ۾ ڪورونا جي ڪري پريشاني وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ ت??ريبن 5 هزار ڪورونا ڪيسز ٿي چڪا آهن ۽ فوتگين ۾ به اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪورونا ڪيس وڌيڪ وڌيا ته ڳالهه اسپتالن جي وس مان نڪري ويندي. صدر چيو ته حضور ﷺ مسلمانن کي نظم ۽ ضبط جي تعليم ڏني، س??ني تي لازمي آ??ي ته حضور ﷺ جي امت هجڻ جي ناطي نبي ﷺ جي هدايتن تي عمل ڪريون، هن چيو ته مسلمان قوم ان آزمائش ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ احتياط اختيار ڪري، رمضان، تراويح، يوم علي، عيد جي موقعي تي ماسڪ پائڻ سميت سمورن ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائين.
ڪورونا جي موجوده صورتحال پريشان ڪندڙ آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن