اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته شهباز شريف ۽ بلاول جي راءِ موجب جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن ۽ نيب ۾ سڌارا انهن ادارن کي پاڻ ئي ڪرڻا آهن ته اهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي، پوءِ پ??رل??امينٽ جو ادارن جي سڌارن ۾ ڪو ڪردار نه آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين وزيراعظم جي ??حت????ب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر جي ٽوئيٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته ان جي تجويز انتهائي اهم آهي ته جيڪڏهن چونڊ سڌارا اليڪشن ڪميشن کي ئي ڪرڻا آهن ۽ پ??رل??امينٽ جو ڪو ڪردار نه آهي ته پوءِ نيب جي قانون ۾ سڌارا به نيب کي ئي ڪرڻ ڏيو، اهي ڄاڻين ۽ انهن جو ڪم ڄاڻي ڇو ته شهباز شريف ۽ بلاول جي راءِ موجب پ??رل??امينٽ جو ادارن جي سڌارن ۾ ڪو ڪردار نه آهي.
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل