اسلام آباد – پهرين سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون، ماڻهن کي تعليم جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو موقعو نه ڏيڻ ظلم ۽ ناانصافي آهي، ٻارڙين جي تعليم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آهي، ??سڪ??ل گهرن کان پري هجي ۽ استادن جي کوٽ هجي ته مسئلا پيدا ٿين ٿا، موجوده حڪومت جي ڪوشش آهي ته غريب خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪري، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ??سڪ??ل وظيفا پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۽ موثر نگراني ۾ مدد ملندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار احساس پروگرام تحت مستحق خاندانن جي لاءِ ??سڪ??ل وظيفا جاري ڪر?? جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت وارو وفاقي وزير شفقت محمود ۽ وزيراعظم جي سماجي ڀلائي ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر پڻ موجود هئي. وزيراعظم چيو ته مستحق خاندانن جي لاءِ ??سڪ??ل وظيفا جاري ڪر?? انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ان پروگرام جا ٻه اهم رخ آهن، پاڪستان ۾ ٻه ڪروڙ ٻار ??سڪ??ل نه پيا وڃن، هڪ ته انهن کي ??سڪ??لن ۾ داخل ڪرائڻ ۽ تعليم جي زيور کان آراسته ڪر?? آهي، بدقسمتي سان انهن کي اڳ ۾ اهميت نه ڏني وئي، اهو ئي سبب آهي جو ٻارن جو ا??تر?? وڏو انگ ??سڪ??ل نه وڃي رهيو آهي، ملڪ جو سڀ کان وڏو سرمايو ان جي عوام هوندي آهي ۽ جڏهن اسان پنهنجي ماڻهن کي تعليم نه ٿا ڏيون ته نه رڳو اهو سرمايو ضايع ڪريون ٿا پر ان تي اهو ظلم ۽ ناانصافي به ڪريون ٿا ته انهن کي ترقي جو موقعو نه ٿو ملي. وزيراعظم چيو ته تعليم جي فروغ لاءِ وظيفا ۽ سهولت ڏئي رهيا آهيون، ٻارڙيون وڌيڪ ??سڪ??ل کان ٻاهر آهن ۽ خاص طور ٻارڙين جي تعليم کي ماضي ۾ اهميت نه ڏني وئي، ٻارڙين جي تعليم کي اهميت نه ڏئي ملڪ جو قيمتي اثاثو ضايع ڪيو ويندو رهيو آهي، تعليم يافته عورت مرد کان وڌيڪ معاشري کي فائدو پهچائي سگهي ٿي ۽ پڙهيل لکيل ماءُ ٻارن جي تربيت ۽ سارسنڀال وڌيڪ بهتر ڪري ٿي، ٻارڙين جي تعليم حاصل ڪر?? جي لاءِ حوصلا افزائي ڪر?? گهرجي، پرائمري ڪلاسن جي ٻارڙين ??ي 2000 رپيا ۽ ٻارن کي 1500 رپيا ٽه ماهي وظيفو ڏنو ويندو، حڪومت جي پوري ڪوشش آهي ته غريب خاندانن جي ٻارن کي تعليم جي سهولت فراهم ڪري. هن چيو ته ان ??سڪ??م سان تعليم جي لاءِ ٻارن ۽ ٻارڙين جي حوصلا افزائي ٿيندي، اولهه ۾ اهو تاثر موجود آهي ته شايد اسان پنهنجي ٻارڙين کي تعليم نه ٿا ڏيارڻ چاهيون جڏهن ته ائين نه آهي ۽ هر پاڪستاني پنهنجي ٻارڙين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪر?? جو خواهشمند آهي پر ڪجهه جاين تي ??سڪ??ل پري هوندا آهن ۽ استاد به ناهن هوندا جنهن جي ڪري مسئلا پيدا ٿين ٿا، ميانوالي جي تعلقي عيسيٰ خيل جي ڪجهه علائقن ۾ اهڙي صورتحال رهي آهي. وزيراعظم چيو ته ماضي جي حڪومتن جي ذميواري هئي ته اهي تعليم جي لاءِ سهولتون فراهم ڪن ها پر انهن پنهنجي ذميواري پوري نه ڪئي. هن چيو ته اسان جي حڪومت تعليم جي سهولت وڌائڻ ۽ ٻارن جي داخلا جي شرح ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، انفارميشن ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ان پروگرام کي شفاف بڻائڻ ۾ مدد ملندي ۽ ان سان جعلي انٽريز ۽ گهوسٽ ??سڪ??ل جهڙن مسئلن تي ضابطو آڻي سگهبو ۽ موثر نگراني پڻ ڪري سگهبي. هن ??سڪ??م جاري ڪر?? تي ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ احساس ٽيم جي ڪارڪردگي کي ساراهيو.
ماضي جي حڪومتن تعليم جي فروغ لاءِ پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪيون: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de loteria Nordeste