اسلام آباد – 16 – اپريل (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آ??ي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيرا??ظم محمد شهباز شريف راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جو دورو ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وزيرا??ظم کي منصوبي تي تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني وئي. وزيراع??م شهباز شريف ترقيايت منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي انهن کي وقت سر ۽ جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هداي ڪئي. هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۾ ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻايو وڃي ۽ منصوبن کي مڪمل ڪرڻ ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته قومي وسيلن جي زيان ۽ ترقياتي منصوبن ۾ دير کي برداشت نه ڪيو ويندو. پراجيڪٽ انتظاميا پاران بريفنگ ۾ وزيراع??م شهباز شريف کي ٻڌايو ويو ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي ۾ بنا سبب جي دير ڪئي وئي ته جيئن ان جي لاڳت کي وڌائي سگهجي جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر ۾ ٻين منصوبن جا ٺيڪا ايف ڊبليو او ۽ اين ايل سي کي ڏنا ويا آهن ته جيئن انهن کي وقت سر مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻائي سگهجي. وزيراع??م شهباز شريف هدايت ڪئي ته ترقياتي منصوبن کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته گذريل ڪيترن ئي مهينن کان جڏهن به اسلام آباد آيس ته ترقياتي منصوبن جي سستي کي ڏسي افسوس ٿيو. ان حوالي سان لاڳاپيل عملدارن کي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو ڇو ته غريب قوم جي پئسي جي زيان کي برداشت نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ته ذميواري جي احساس کي يقيني بڻايو وڃي، ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي يقيني بڻائي منصوبن جي شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي ويندي. وزيرا??ظم راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي ٿرڊ پارٽي ويلي ڊيشن کي هدايت ڪندي ڪميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن دير جا سبب معلوم ڪري سگهجن ۽ ذميوارن کي سزا ڏئي سگهجي. وزيرا??ظم منصوبي جي دير تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هڪ ننڍو منصوبو به ٻن سالن ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو جڏهن ان عرصي ۾ ته ميگا پراجيڪٽ مڪمل ٿي سگهي ٿو. وزيراع??م شهباز شريف منصوبي جي لينڊ اسڪ??پن?? بابت پڻ پڇيو ۽ چيو ته ان جي لينڊ اسڪ??پن?? کي به يقيني بڻايو وڃي. هن منصوبي کي پهرين سيپٽمبر 2022ع تائين لازمي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته منصوبي جي ڪوالٽي تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو. واضح رهي ته راول چوڪ فلائي اوور منصوبي جي شروعات آڪٽوبر 2020ع تيي ٿي هئي ۽ ان کي ٻن سالن ۾ مڪمل ٿيڻو هو. منصوبي جي دير جي سببن کي ختم ڪندي ان کي وقت سر مڪمل ڪيو وڃي. وزيراع??م شهباز شريف ترقياتي منصوبن جي دير کي برداشت ناهي ڪندو ۽ اهو ئي سبب آهي جو هن منصوبي جي دير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. منصوبي تي 48 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آ??ي.
وزيراعظم پاران راول چوڪ فلائي اوور منصوبو پهرين سيپٽمبر تائين مڪمل ڪرڻ ۽ منصوبي ۾ دير جو سبب بڻجندڙ ڪمپنين کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جو حڪم
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام