اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو، اهو دورو پاڪستان جي روايتي بااعتماد دوستن ۽ ڀائر ملڪن سان ٻطرفي لاڳا??ن جي تجديد جي سلسلي جي ڪڙي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اهو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳا??ن جي فروغ کانسواءِ سي??ڙپ??اري، واپا??، صحت، تعليم، ثقافت ۽ گڏيل مفادن جي ٻين شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان به نهايت اهم آهي، هن چيو ته پاڪ ترڪي بزنس ڪائونسل جو اجلاس، ??رڪ سيڙپڪارن ۽ واپارين سان ملاقاتون ٿينديون. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم دوري دوران مصطفيٰ ڪمال اتا??رڪ جي مزار تي حاضري ڏيندو، ??رڪ صدر رجب طيب اردوان سان وزيراعظم ترڪي ۽ پاڪستان جي سفارتي لاڳا??ن جي قيام جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي يادگيري نشان جاري ڪندو. صدر اردوان وزيراعظم جي اعزاز ۾ آجياڻو به ڏيندو.
وزيراعظم شهباز شريف 31 مئي کان 2 جون تائين ترڪي جو دورو ڪندو: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ