راولپنڊي – 03 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو آهي ته ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز ?? ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جعلي پ??وپئگنڊ جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. هو نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد جي دوري جي موقعي تي نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس 23 جي شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪري رهيو هو. آءِ ايس پي آر موجب صدر قومي سلامتي سان لاڳاپيل معاملن تي ڳالهه ڪئي. هن چيو ته قوم جي حيثيت سان اسان کي پنهنجي سماجي ۽ ثقافتي قدرن جي حفاظت ڪرڻ گهرجي. صدر شرڪت ڪندڙن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجو پاڻ کي تازي اڳ??را??ي خاص طور تي آءِ ٽي، اي آئي ۽ ڪميونيڪشن جي شعبي ۾ اڳ??را??ي کان باخبر رکن. مواصلاتي ٽيڪنالاجيز ?? خاص طور تي ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جعلي پ??وپئگنڊه جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي. صدر شاگردن تي زور ڏنو ته اهي پ??امن ۽ خوشحال پاڪستان جي لاءِ سخت محنت ڪن. صدر مستقبل جي چئلينجن موجب مستقبل جي قيادت کي معياري تربيت فراهم ڪرڻ تي نيشنل ڊيفنس يونيورسٽي کي ساراهيو.
ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجيز ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز جو استعمال معاشري جي بهتري لاءِ آهي نه ڪي غلط معلومات يا جعلي پروپئگنڊ جي اوزار طور جهڙوڪ ڪيترن ئي ملڪن ۾ استعمال ڪيو ويندو رهيو آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار