اسلام آباد– 09 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي علائقن جي ضم ٿيل ضلعن جي ترقي تي ڌيان ڏ??ڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي فاتا جي ضم ٿيل ضلعن جي قبائلي اڳواڻڻ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو. قبائلي اڳواڻن جو تعلق مهمند، باجوڙ، خيبر، اورڪزئي، ڪرم، ڏکڻ وزيرستان، اتر وزيرستان ۽ ايف آر پشاور/ ڪوهاٽ سان هو. هن چي?? ته بدقسمتي سان ماضي ۾ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي قبائلي ضلعن کي نظرانداز ڪيو ويو، اڳوڻو فاٽا پٺتي پيل آهي?? ان جي ترقي تي خاص ڌيان ڏ??ڻ جي ض??ور?? آهي. صدر چي?? ته دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا، خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي صحت ۽ تعليم جي شعبن کي ترجيحي بنيادن تي ترقي ڏيڻ جي ض??ور?? آهي، علائقي جي ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. ڊاڪٽر عارف علوي چي?? ته قبائلي علائقن جي ماڻهن ۾ محرومي جو احساس ختم ڪرڻ جي لاءِ خدمتن جي فراهمي بهتر بڻائڻ ۽ ضم ٿيل ضلعن جي ماڻهن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن کي روزگار جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ض??ور?? آهي. صدر ملڪ جي لاءِ اڳوڻي فاٽا جي عوام جي قربانين کي پڻ ساراهيو. قبائلي اڳواڻن صدر کي علائقي جي رهواسين کي درپيش مختلف مسئلن کان آگاهه ڪندي چي?? ته ضم ٿيل ضلعن جا ماڻهو رستن، تعليم، صحت ۽ توانائي جي بنيادي ڍانچي جهڙين بنيادي سهولتن جي کوٽ جي ڪري مشڪلاتن جو شڪار آهن. قبائلي اڳواڻن چي?? ته دهشتگردي جاني ۽ معاشي نقصانن?? اندروني چرپر ۽ ماڻهن کي روزگار جي ذريعن کان محروم ڪري انهن جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو. هن چي?? ته علائقي ۾ ترقي جي صلاحيت موجود آهي جنهن مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي ض??ور?? آهي. قبائلي وفد علائقي ۾ سمورن ترقياتي ڪمن کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ض??ور?? تي زور ڏيندي چي?? ته وفاقي حڪومت پاران اڳوڻي فآٽا جي لاءِ فنڊز کي صحيح طريقي سان استعمال ڪيو وڃي.
دهشتگردي جي ڪري اڳوڻي فاٽا جي علائقن جي صحت ۽ تعليم جا شعبا بري طرح متاثر ٿيا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : quina resultados anteriores