نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارال??ق ڪاڪڙ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ملاقات ڪئي. نگران وزيراعظم گذريل سال پاڪستان ۾ ٻوڏ دوران سندس اڻٿڪ حمايت ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي فريم ورڪ (فور آر ايف) تي جنيوا ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيا. نگران وزيراعظم موسمياتي تبديلي جي سنگين خطرن جي ڏس ۾ ترقي يافته ملڪن پاران موسمياتي مالياتي واعدن جي تڪميل جي اهميت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي اڳڀرائي کان آگ??هه ڪيو جنهن جو مقصد ملڪ جي مض??وط اقتصادي بحالي جي لاءِ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ آهي. نگران وزيراعظم پائيدار ترقي جي هدفن کي سگهه ڏيڻ ۽ ايس ڊي جيز ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ تجويز ڪيل قدمن جي لاءِ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي عاليم مالياتي تبديلي جي مطالبي کي ساراهيو. نگران وزيراعظم 5 آگ??ٽ 2019ع تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جو ذڪر ڪندي سيڪريٽري جنرل کي ڀارت پاران جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان آگ??هه ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ تي زور ڏنو.
ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪرايو وڃي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے بہترین ٹکٹ