اسلام آباد – 11 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته عيدالفطر جي موقعي تي بجلي جي قيمتن ۾ گ??ٽتائي عوام جي لاءِ حڪومت پاران خصوصي تحفو آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو سمورو ڌيان م??ان??ائي ۾ گ??ٽتائي تي آهي. هن چيو ته اپريل جي مهيني ۾ گذريل مهيني جي ڀيٽ ۾ 3 رپيا 82 پئسا گهٽتائي ٿي. هن چيو ته ٽه ماهي ايڊجسٽمنٽ ۾ ڊالر ريٽ تي دارومدار هوندو آهي، ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر مستحڪم ٿي?? سان بجلي جي قيمتن ۾ گ??ٽتائي ٿي آهي. هن چيو ته اسان جي حڪومت کان اڳ ڪاروباري ماڻهن ۽ ايڪسپورٽرز کي مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته اسان ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچايو، اڄ ايڪسچينج ريٽ ۽ رپئي جي قدر مستحڪم آهي. نگران دور ۾ به رپئي جي قدر مستحڪم رهي، جيڪڏهن حالتن ۾ اهڙي طرح بهتري رهي ته بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي مالياتي رسالا به چئي رهيا آهن ته م??ان??ائي ۾ گ??ٽتائي ٿي رهي آهي، بلومبرگ پڻ چيو آهي ته ٻه سيڪڙو م??ان??ائي ۾ گ??ٽتائي ٿي آهي، جڏهن ته بلومبرگ اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ سال م??ان??ائي وڌيڪ گهٽ ٿيندي. هن چيو ته مثبت انگ اکر سامهون اچي رهيا آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت بجلي چوري جي خلاف قدم کڻي رهي آهي، بجلي چورن جي خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو. هن چيو ته حڪومت عوام کي ريل??ف ڏيڻ جي لاءِ بهترين حل سامهون آڻي رهي آهي.
عيدالفطر جي موقعي تي بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي عوام جي لاءِ حڪومت پاران خصوصي تحفو آهي: وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی گائیڈ