رياض – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي م??قعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئر??ين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي، بل گيٽس پنجاب ۾ بطور وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽُڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ڦُڙن جي پروگرام کي ساراهيندي ان طرز جي پروگرام کي سڄي م??ڪ ۾ ڦهلائڻ جي تجويز ڏني جڏهن ته وزيراعظم پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي م??ڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي م??جب وزيراعظم محمد شهباز شريف رياض ۾ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي خصوصي اجلاس جي م??قعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئر??ين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي. ان کان اڳ ٻنهي اڳواڻن عالمي اقتصادي فورم جي هڪ اعليٰ سطحي پينل مباحثي ۾ شرڪت ڪئي هئي جنهن جو عنوان ”عالمي صحت جي ايجنڊا جي نئين وصف“ هو. وزيراعظم پنهنجي ٻيهر چونڊجڻ تي بل گيٽس جي مبارڪباد واري خط تي سندس ٿورا مڃيا. پنهنجي حڪومت جي اڳوڻي دور دوران بل گيٽس سان پنهنجي م??اقات جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پاڪستان ۽ گيٽس فائونڊيشن جي وچ ۾ مضبوط حصيداري کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ بل گيٽس سان گڏجي ڪم جاري رکڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري رهيا آهيون. هن پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي جي لاءِ پراڻي تعاون ت?? بي ايم جي ايف جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پوليو کان پاڪ پاڪستان جي حتمي مقصد تائين پهچڻ جي لاءِ سمورن حصيدارن پاران مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. بلگ يٽس پنجاب ۾ بطور وڏي وزير شهباز شريف جي قيادت ۾ حفاظتي ٽيڪن ۽ پوليو جي حفاظتي ڦُڙن جي پروگرام کي ساراهيندي ان طرز عمل کي سڄي م??ڪ ۾ ڦهلائڻ جي تجويز ڏني. بل گيٽس پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته پوليو جو خاتمو مستقبل جي نسلن کي هن موذي مرض کان بچائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي. وزيراعظم ۽ بل گيٽس پاڪستان ۽ فائونڊيشن جي وچ ۾ حفاظتي ٽُڪن، غذائيت ۽ مالياتي شموليت جي شعبن ۾ جاري سرگر??ين تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم چيو ته گيٽس فائونڊيشن پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ هڪ اعتماد جوڳو حصيدار آهي ۽ آءِ ٽي ۽ ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ سميت ٻين شعبن ۾ تعاون فراهم ڪري ٿو. فيبروري 2022ع جي مسٽر گيٽس جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي، وزيراعظم کيس پنهنجي سهولت موجب پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني.
وزيراعظم محمد شهباز شريف جي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي باني ۽ شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن