اسلام آباد – 14 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال ڪرڻ جي لاءِ ملڪي روانگي واپار خاص طور تي حڪومت پاران درآمد ڪئي ويندڙ شين جو هڪ خاص تناسب گوادر بندرگاهه تان درآمد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ??هي ته سي پيڪ ٽو تي ڪم ۾ وزارتن ۽ سرڪاري ??دارن پاران ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. وز??راعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري ??يان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۽ چيني سيڙپڪاري ??حت ٻين منصوبن جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزه اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾و فاقي وز??رن احسن اقبال، محمد اورنگزيب، ڄام ڪمال خان، احد خان چيما، راڻا تنوير حسين، قيصر احمد شيخ، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصدق ملڪ، عبدالعليم خان، خاص معاون طارق فاطمي، وز??راعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ چئني صوبن جي چيف سيڪريٽريز وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وز??راعظم ملڪي روانگي واپار خاص طور تي حڪومت پاران درآمد ڪئي ويندڙ شين جو هڪ خاص تناسب گوادر بندرگاهه تان درآمد ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم سي پيڪ ٽو تي تيزي سان عملدرآمد جي لاءِ سمورين وزارتن کي پاڻ ۾ رابطا ٺوس بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وز??راعظم چيو ??ه سي پيڪ ٽو تي ڪم ۾ وزارتن ۽ سرڪاري ??دارن پاران ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي. چيني شهرين جي فول پروف سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. چين پاڪستان جو پراڻو دوست آهي، چين سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جو وڌيڪ فروغ خوش آئنده آهي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي آهي، لاڳاپيل آفيسر ۽ ادارا يقيني بڻائين ته ٻنهي ملڪن جي لاءِ ان سان مثبت نتيجا نڪرن.
وزيراعظم پاران گوادر بندرگاهه کي مڪمل فعال ڪرڻ جي لاءِ خاص تناسب گوادر بندرگاهه تان درآمد ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ