شينزن – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جديد ٽيڪنالاجي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي ??وجب چين ڪميونسٽ پارٽي جي شينز?? جي سربراهه ۽ گوانگ ڊونگ صوبي جي نائب سربراهه مينگ فينلي وزيراعظم شهباز شريف سان شينزن ۾ ملاقات ڪئي.
ملاقات ۾ مينگ فينلي وزيراعظم جي شينز اچڻ تي آجيان ڪئي ۽ کيس شينز?? جي حوالي سان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو. وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي سالن کانپوءِ شينزن اچي دلي خوشي ٿي، شينز?? جي حڪومت ۽ ا?? جي عوام جي مهمان نوازي تي ٿورائتو آهيان. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي هماليه کان اونچي، سمنڊ جي گهرائي جيتري گهري ۽ ماکيءَ کان مٺي آهي، پاڪستاني قيادت ۽ عوام هر مشڪل وقت ۾ چي?? جي تعاون تي چيني قيادت ۽ ا?? جي عوام جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان چي?? جي ون چائنا پاليسي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، شينزن لاهور جو سسٽر شهر ۽ گوانگ ڊونگ پنجاب جو سسٽر صوبو آهي، پاڪستان چي?? جي ترقي کان تمام گهڻو متاثر آهي ۽ چي?? جي ترقي مان سکڻ چاهي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسا?? جي حڪومت سي پيڪ جي ٻئي ??رحلي ۾ پاڪستاني ۽ چيني ڪمپني?? جي حصيداري ۽ سيڙپڪاري سان ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پنهنجي دوري جي شينزن کان شروع ڪرڻ جو مقصد شينز?? جي ترقي خاص طور تي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي مان سکڻ آهي.
وزيراعظم چيو ته پاڪستاني حڪومت جديد ٽيڪنالاجي سان ملڪي زرعي شعبي جي پيداوار ۽ زرعي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستا?? جي سڀ کان وڏي طاقت ا?? جي نوجوان افرادي قوت آهي جيڪا ملڪي آبادي جو 60 سيڪڙو آهي، شينزن ۽ پاڪستان ۾ اها هڪجهڙائي آهي، اميد ڪريان ٿو ته شينزن ۾ پاڪستاني شاگرد?? جي انگ ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. مينگ فينلي چيو ته اميد ڪريان ٿو ته توها?? جي چيني اعليٰ قيادت خاص طور تي چيني صدر شي جن پنگ ۽ چيني وزيراعظم لي ڪي ڪيانگ سان ملاقاتون ٻنهي ملڪ?? جي گڏيل لاڳاپن ۽ حصيداري جي فروغ جي حوالي سان لاڀائتيون ثابت ٿينديون، شينزن ۾ پاڪستاني شاگردن جو وڏو انگ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۽ شينز?? جي وچ ۾ واپار جي فروغ جا وسيع موقعا موجود آهن.
ملاقات کانپوءِ مينگ فينلي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جي اعزاز ۾ آجياڻي جو اهتمام ڪيو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، پيٽروليم وارو وفاقي وزير مصدق ملڪ، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه پڻ شريڪ هئا.