اسلام آباد-19 جولاءِ (اي پي پي) صنعت، پيداوار، نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري ??فا??ي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن پاڪستان ڪاٽن جنرز اي??وسيئيشن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڦٽين جي ٻج ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ تي وڌيڪ ٽيڪس جو معاملو بحث هيٺ آيو. ??فا??ي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته ڪپهه جي صنعت سڀ کان وڌيڪ روزگار فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي. ملڪ جي ڏيهي معيشت ۾ ڪپهه جي صنعت جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ملڪ ۾ ڦُٽين جي ??ٺڙ??ن جي پيدوار تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪيو ويندو. هن چيو ته صوبائي حڪومت ذريعي ڪاٽن ڪنٽرول ايڪٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ لاڳو ڪنداسين، ڪاٽن سيڊ ۽ ڪاٽن سيڊ ڪيڪ جي سيلز ٽيڪس ۾ جنرز کي رليف ڏيڻ جي تجويز کي غور هيٺ آندو ويندو، نون ٽيڪسن جو معاملو فنانس ڊويزن ۽ ايف بي آر ڏانهن غور لاءِ موڪليو ويندو. ڪاٽن جنرز اي??وسيئيشن جي وفد چيو ته ڳرن ٽيڪسن سان ڪاٽن جننگ انڊسٽري جي پيداوار متاثر ٿي رهي آه??، حڪومت ان انڊسٽري جي ترقي لاءِ نوان لاڳو ڪيل سيلز ٽيڪس واپس وٺي، وڌيڪ ٽيڪسن سبب ٽيڪس چوري وڌڻ جو خدشو آهي. وفد جو چوڻ ??و ته گذريل سيزن دوران ملڪ ۾ 8.4 ملين ڪپهه جون ??ٺڙ??ون پيدا ٿيون، حوصلي واري پاليسي سان 20 ملين ??ٺڙ??ون پيدا ڪري سگهجن ٿيون.
ٽيڪس چوري کان بچڻ لاءِ ڪاٽن اينڊ جننگ انڊسٽري تي ٽريڪ اينڊ ٽريس سسٽم لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي: وفاقي وزير راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز